پنجاب پبلڪ لائبريري

پنجاب پبلڪ لائبريري: هن ڪتب خاني جو بنياد 1884ع ۾ پيو ۽ ان وقت جي انگريز گورنر 1885ع ۾ هن لائبريري جو باقاعده بنياد رکيو، پهرين مرحلي ۾ هن ڪتبخاني لاءِ ڪتاب ڪن انگريز صاحبن مختلف کاتن کان موڪليا، بعد ۾ ڪن علم دوست ماڻهن پڻ هن لائبريريءَ لاءِ ڪتابن جي امداد ڪئي، جن ۾ خاص طور تي ممتاز حسن، مختيار مسعود سرفهرست هئا، هن لائبريريءَ ۾ حضرت عثمانرضه جي دؤر جو لکيل قرآن شريف به موجود آهي، جڏهن ته 3100 ٻيا قرآن شريف جا قلمي نسخا هن لائبريريءَ ۾ موجود آهن، جيڪي پاڪستان، افغانستان، ترڪي، ايران، مصر، لبنان، اردن، الجزائر، چين، جرمني، اٽلي، روس، ارجنٽيا، هائلينڊ ۽ هندستان جي عالمن جا لکيل قلمي نسخا آهن، جيڪي عڪسي صورت ۾ آڻي هن لائبريريءَ ۾ محفوظ ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ هن ڪتبخاني ۾ تفسير به تمام گهڻي تعداد ۾ پيل آهن ۽ رسالن، اخبارن وغيره جو پڻ وڏو ذخيرو گڏ ٿيل آهي.هن لائبرريءَ ۾ سنڌي جا ڪيترا قلمي ۽ ڇپيل نسخا موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو